welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

راڄوخاناڻي: ٻن جوابدرن جي 8 ورهين معصوم نينگر سان بدفعلي، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ پڌري

راڄو خاناڻي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)8 ورهين معصوم نينگر سان ٻن جوابدرن پاران بدفعلي، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگر مٿان تشدد ۽ بدفعلي جي تصديق، ايف آءِ آر داخل ھڪ جوابدار گرفتار. راڄوخاناڻي ۾ 8 ورهين معصوم نينگر اظھر علي خاصخيلي کي ٻن وحشي صفت جوابدارن نينگر کي زبردستي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي، سنسان جا۽ ۾ تشدد ڪري بدفعلي جو نشانو بڻايو. نينگر ٿيل زيادتي مائٽن کي ٻڌائي جن پوليس ۾ ٻنھي جوابدارن سنتوش عرف فوجي مينگھواڙ ۽ علي رضا پٽ بچايو خاصخيلي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. پوليس زيادتي جي تصديق لا۽ نينگر کي آر ايڇ سي راڄوخاناڻي اماڻيو، جتي ڊاڪٽر نياز ٽالپر پاران ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته نينگر تي تشدد جا نشان مليا آھن، ۽ زيادتي جي به تصديق ٿي آھي. اھڙي رپورٽ اچڻ بعد راڄوخاناڻي پوليس نينگر جي والد عبدالعزيز خاصخيلي جي فرياد تي ٻنھي جوابدارن سنتوش عرف فوجي ۽ علي رضا خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪري ھڪ جوابدار سنتوش کي گرفتار ڪري ورتو آھي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے