welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪنڊيارو: ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن

ڪنڊيارو:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، 100 ايڪڙ کان وڌيڪ قبضا ختم. ڊي ايف او نوشهروفيروز هوش محمد شر پنهنجو عملو ۽ پوليس ساڻ ڪري بکري شاھ ڳڙھ ٻيلو ڪمال ديرو ون ٽو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو. عدالتي حڪم کان پوءِ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن. اڄوڪي ڪارروائي دوران 100 ايڪڙ کان وڌيڪ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائي فصل تباهه ڪيا ويا آهن. هوڏانهن علائقي واسين موجب ڪمالديرو بکري جي ڪچي جي علائقي ۾ هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمينن تي سالن کان بااثرن جو قبضو ٿيل آهي. علائقي جي بااثرن ٻيلي کاتي جي زمينن مان سرڪاري وڻ پڻ وڍيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے