welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص: جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، مذھبي انتھاپسندي خلاف 8 ڪلوميٽر مارچ

ميرپورخاص:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي، معدني وسيلن جي ڦرلٽ، مذھبي انتھاپسندي ۽ ھندو نياڻين جي اغوائن خلاف ميرپورخاص بس ٽرمينل کان مارڪيٽ چوڪ تائين 8 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو. جنھن جي اڳواڻي پارٽيءَ جو سربراھ رياض چانڊيو ۽ سينيئر وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي ڪري رھيا ھئا. مارچ ۾ ھندو برادري جي ماڻھن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي رياض چانڊئي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي ھرگز قبول ناھي، زمينون سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيت آھن، انھن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ ھندو نياڻين کي جبرن مذھب تبديل ڪرائي ساڻن جنسي زيادتي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڀلي پيپلز پارٽي ان جو نالو ”پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ“ رکي، پر اسان کان کي سنڌ جي زمينن تي والار سمجھون ٿا. ھن چيو ته حڪمران جيڪڏھن زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ گھرن ٿا، ته اھا زمين غريب ھارين کي ڏني وڃي، پر اھو ڪھڙو طريقو آھي ته سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي سھولتون ڏيڻ بدران ڪمپنين کي نوازيو وڃي ۽ انھن کي زمينون ڏنيون وڃن. ھن چيو ته سنڌ جا ٻيلا وڍي اھي زمينون به نيلام ڪيون پيون وڃن. ھن چيو ته اھڙو ڪھڙو قانون آھي ته سنڌ کان سندس ڪوئلو کسيو، معدني وسيلا کسيو، پاڻي کسيو. ھن چيو ته اسان مطالبا ڪريون ٿا ته سنڌ جي ماڻھن کي پاڻي ڏيو پر ھو سنڌ کي پاڻي ڏيڻ بدران پنجاب ۾ نوان ڪئنال ۽ ڊيم اڏڻ جون رٿائون جوڙين ٿا. ھن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر اسان جو سمنڊ اڳ ئي وڪڻي چڪي آھي، ھاڻ باقي وسيلا به وڪرو ڪيا پيا وڃن. ھن چيو ته ڊيلٽا ۾ لاڳيتو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ 30 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چُڪو آھي، ھاڻ جڏھن ٿورو گھڻو ٻوڏن جو پاڻي ڊيلٽا طرف وڃي رھيو آھي ته نون ڊيمن جو راڳ آلاپيو وڃي پيو. دنيا جا سڌريل ملڪ پنھنجي دريائن جو ايڪوسسٽم بحال ڪرڻ لاءِ ڊيمن کي ڊاھي رھيا آھن ۽ اسان وٽ وري نوان ڊيم اڏڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن. ميرپورخاص جھڙن ڪيترن ئي وڏن شھرن ۾ يونيورسٽيون ناھن، پر بحريا ٽائون جي پئسن مان وري پنجاب ۾ دانش يونيورسٽي ٺاھي پئي وڃي، جيڪي پئسا سنڌ جي ملڪيت آھن. ھن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي دور ۾ ئي سوين نياڻين کي جبري طور مذھب تبديل ڪري اغوا ڪرڻ بعد ساڻن جنسي زيادتي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ملڪي قانون 18 سالن کان گھٽ عمر جي شادي جي اجازت نه ٿو ڏئي، پر ھندو نياڻين بابت اھو قانون ڇو نٿو لاڳو ڪيو وڃي. ڇو 14 کان 15 سالن جي نياڻين کي شاديءَ جي نالي تي اغوا ڪيو ٿو وڃي. اسان عدالتن کان پڇون ٿا ته سنڌ اندر 2 قانون ڇو آھن، ھن اعلان ڪيو ته اغوا ٿيل ھندو نياڻيون بازياب نه ٿيون ته 27 جولاءِ تي حيدرآباد _ ميرپورخاص ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي ان کي بند ڪيو ويندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پارٽيءَ جي سينيئر وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته حڪمران جي غلط فيصلن سبب سنڌ کي بند گھٽيءَ ۾ سوڙھو ڪيو پيو وڃي. ڪڏھن نون ڪئنالن جون رٿائون آنديون ٿيون وڃن ته ڪڏھن وري ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار جا فيصلا ڪيا پيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو اھڙن فيصلن کي ھرگز قبول نه ڪندا. ھن چيو ته سنڌ ۾ جبري طور مذھب تبديل ڪري ھندو نياڻين کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. انهي موقعي تي فقير شيوا ڪڇي، ڊاڪٽر خوشحالداس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے