اتراکنڊ:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)هندستان جي اتراکھنڊ جي شهر هري دوار ۾ هڪ مندر ۾ ڀاڄ ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، هري دوار جي مانسا ديوي مندر ۾ ڀاڄ لڳي، جنهن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.
هندستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀاڄ مندر جي روڊ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين تي لڳي، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مندر جي زيارت لاءِ موجود هئا.
اتراکھنڊ پوليس ۽ بچاءُ ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ 35 ماڻهن کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هڪ اکين ڏٺي شاهد چيو ته اوچتو مندر ۾ وڏي تعداد ۾ یاتري گڏ ٿي ويا هئا. جڏهن ڪجهه ماڻهن رش مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڄ پئجي وئي. ڪرڻ سبب منهنجو هٿ به ٽٽي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language