welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٿائيلينڊ: هٿياربند شخص عوامي هنڌ تي 5 ماڻهن کي قتل ڪري پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي

بنڪاڪ:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)ٿائي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا. نيوز ايجنسي موجب، هڪ هٿياربند شخص بينڪاڪ جي هڪ مارڪيٽ ۾ پنجن ماڻهن کي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب، مارجي ويلن ۾ هڪ مارڪيٽ سيڪيورٽي گارڊ ۽ کاڌو ۽ مشروبات وڪرو ڪندڙ چار ماڻهو شامل آهن، انهي سان گڏ هڪ عورت به شامل آهي. ٿائي اختيارين جو چوڻ آهي ته بندوق بردار پنجن ماڻهن کي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو. اختيارين موجب، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شڪي شخص فائرنگ ڇو ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے