welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي صدر برازيل تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برازيل تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. صدر ٽرمپ اڳوڻي برازيل جي صدر بولسونارو خلاف ڪارروائي کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي. برازيل جي موجوده صدر لولا ڊي سلوا اڳوڻي صدر بولسونارو تي 2022 جي چونڊن ۾ شڪست جي باوجود اقتدار ۾ رهڻ جي سازش جو الزام لڳايو آهي. اڳوڻي صدر تي اهو به الزام آهي ته هن عوام کي پارليامينٽ ۽ ٻين رياستي ادارن تي حملو ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جيڪو گادي واري هنڌ برازيليا ۾ آهي. برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا جو چوڻ آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي ۽ هو ڪنهن جي مداخلت کي قبول نٿو ڪري. ياد رکڻ گهرجي ته برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا اسرائيل پاران فلسطينين جي قتل عام کي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي، جنهن کان پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل سخت رد عمل ظاهر ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے