welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مردان: ڪوٽ اسماعيل زئي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

مردان:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)مردان ۾ ٻن مخالف گروپن جي وچ ۾ فائرنگ ۾ چار ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو مردان جي ڪوٽ اسماعيل زئي علائقي ۾ پيش آيو جڏهن ٻنهي گروپن جي وچ ۾ جهيڙو فائرنگ تائين پهچي ويو. فائرنگ جي تبادلي ۾، هڪ گروپ جا ٽي ماڻهو ۽ ٻئي گروپ جو هڪ شخص موقعي تي ئي مارجي ويو. پوليس موجب، فوت ٿيلن جي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے