
ڪريملن:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)روسي صدر ولاديمير پيوٽن نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف کي سندس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، انهي سان گڏ وچ اوڀر ۽ آفريڪا لاءِ صدر جي خاص نمائندي جي عهدي تان به.
ميخائل بوگدانوف هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين ٻنهي عهدن تي رهيو ۽ وچ اوڀر ۽ آفريڪا لاءِ روس جي سفارتي حڪمت عملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن بين الاقوامي اسلامي تنظيمن سان لاڳاپيل معاملن جي پڻ نگراني ڪئي، جنهن ۾ او آءِ سي به شامل آهي.
ميخائل بوگدانوف شام، ليبيا ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۾ روس جي سفارتي مشنن جي اڳواڻي ڪئي آهي.
73 سالن جو بوگدانوف 1974 کان سفارتي سروس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. کيس 2011 ۾ پرڏيهي وزارت جو ڊپٽي هيڊ ۽ 2014 ۾ صدر جو خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو هو.
روسي صدارتي محل ميخائل بوگدانوف کي برطرف ڪرڻ جو ڪو سبب نه ٻڌايو.
ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ، روسي صدر ٽرانسپورٽ وزير رومن اسٽاروويٽ کي به سندس عهدي تان برطرف ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ٽرانسپورٽ وزير رومن اسٽاروويٽ ڪجهه ڪلاڪن بعد پنهنجي ڪار ۾ مئل مليو.
ماسڪو نيوز ايجنسي جي مطابق، برطرف روسي ٽرانسپورٽ وزير جو لاش ماسڪو جي ويجهو هڪ علائقي ۾ هڪ ڪار ۾ مليو، جنهن جي جسم تي گولي لڳل هئي.
روسي جاچ ڪندڙن چيو ته برطرف ٽرانسپورٽ وزير شايد خودڪشي ڪئي هجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language