پنوعاقل:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)پنو عاقل ۾ ڦرلٽ جي مزاحمت تي نوجوانن کي قتل ڪندڙ چار ئي ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.
پنو عاقل پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث چارئي ڌاڙيل رات دير سان سرچ آپريشن دوران مقابلي کان پوءِ مارجي ويا.
پوليس چيو ته ڌاڙيلن گذريل ڏينهن مزاحمت ڪرڻ تي ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو ۽ هڪ نوجوان به زخمي ٿيو جيڪي علاج دوران فوت ٿي ويا.
فيصل آباد ۾ سي سي ڊي سان مقابلي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا
ٻئي طرف، فيصل آباد ۾ سي سي ڊي سان مقابلي ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا ۽ ٽي فرار ٿي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language