welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستاني جبل چاڙهو شاهه دولت مصنوعي آڪسيجن کانسواءِ 8080 ميٽر بلند گيزر-برام-1 جي چوٽي تي چڙهي ويو

اسلام آباد:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)پاڪستاني جبل چاڙهو شاهه دولت 8080 ميٽر اوچي گيشر برم ون کي سر ڪيو آهي. شاهه دولت مصنوعي آڪسيجن استعمال ڪرڻ کان سواءِ 8080 ميٽر اوچي گيشر برم ون چوٽي کي سر ڪيو آهي. شاهه دولت، جيڪو گلگت جو رهواسي آهي، آچر تي صبح 11 وڳي گيشر برم ون جي چوٽي تي پهتو. گيشر برم ون کان پوءِ، شاهه دولت هاڻي براڊ پيڪ کي سر ڪرڻ لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪندو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته شاهه دولت اڳ ۾ ڪي 2، نانگا پربت ۽ گيشر برم ٽو کي سر ڪري چڪو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے