welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مودي سرڪار جون خراب پاليسيون، 25 ڪروڙ مزدورن جو ملڪ گير هڙتال جو اعلان

نئين دھلي:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)مودي سرڪار جي خراب پاليسين، 25 ڪروڙ مزدورن ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو. هندستان جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ مزدورن احتجاج ڪيا، پوليس احتجاج ڪندڙن تي لاٺي چارج ڪيو. احتجاج جي ڪري پوسٽل سروسز، ڪوئلي جي کاڻ، ڪارخانا ۽ رياستي ٽرانسپورٽ جهڙيون اهم خدمتون سخت متاثر ٿيون. هندستاني ميڊيا موجب، دهلي، ڪولڪتا، چنائي، بنگلورو سميت ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ريل اسٽيشن بند ڪيا ويا. پوسٽل سروسز، ڪوئلي جي کاڻ، ٽرانسپورٽ ۽ ڪيترن ئي ٻين شعبن جا مزدور "ڀارت بند" هڙتال ۾ شامل ٿيا، هڙتال جو سڏ هندستان جي 10 مرڪزي ٽريڊ يونينن جي گڏيل فورم تحت ڏنو ويو هو. هندستاني ميڊيا موجب، ٽريڊ يونينن مودي سرڪار تي "مزدور مخالف، هاري مخالف ۽ ملڪ مخالف پاليسيون" اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو. ٽريڊ يونينن جو چوڻ آهي ته مهينن جي سخت تيارين کان پوءِ، ملڪ گير هڙتال ڪئي پئي وڃي. هاري، ڳوٺاڻي مزدور ۽ غير رسمي شعبي جا مزدور به هڙتال ۾ حصو وٺندا. 10 سالن تائين مزدور ڪانفرنس منعقد نه ڪرڻ حڪومت جي بي حسي جو واضح اشارو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے