تلھار:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)تلهار جي وارڊ نمبر 11 ريلوي ڪالوني جا رهواسي 15 ۽ 16 ورهين جا 3 نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن کي اغوا جو شڪ، وارث پريشان، ڳولا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.
تلهار جي وارڊ نمبر 11 ريلوي ڪالوني جا رهواسي 3 نوجوان نويد بروهي ،فيصل بروهي ۽ ذوالفقار بروهي پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن.
نوجوان جي وارثن عورتن غُلام زهره ، عبدالستار، محمد سليم بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڪالھ ٻنپهرن جو پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن.
ڪافي ڳولا باوجود اڃان تائين سندن ڪوبه ڏس پتو ناهي، سندن عمر تقريبن 15 کان 16 سال آهي اسان اهڙي رپورٽ تلهار ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي.
اڄ ٻيو ڏينهن گذرڻ باوجود به اڃان تائين سندن ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو.
عورتن پاران ايس پي بدين ، ايس ايڇ او تلهار ۽ لاڳاپيل ادارن کان نوجوانن جي ڳولا جي مدد اپيل ڪئي آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language