
ڪنڌڪوٽ:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)شھر جي ڳچ آبادي تي قائم ڊان ميڊيڪل اسٽور تي اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ميڊيڪل مالڪن کي يرغمال بڻائي ھزارين روپيا ۽ موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.
اھڙي واقعي خلاف ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان شھر جا ميڊيڪل اسٽور بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
انهي موقعي ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڪمل ڪمار، پنجو رام، چندرلال، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسين ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر پرڪاش لال منشاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري ڪيلاش ڪمار جي حڪم تحت احتجاجن پنهنجا ميڊيڪل اسٽور بند ڪري ھڙتال ڪئي وئي آهي.
ھنن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو سري عام ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي ميڊيڪل اسٽور ۾ گھري ڪري ھزارين روپيا روڪ ۽ موبائيلون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن.
اھڙي واقعي بعد انچارج خليل لغاري پھتو جتي ھن ڦر جلد واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ھنن چيو بدامني جي باھ پيا ٿا سڙون ڪاروبار ڪرڻ ھاڻ مشڪل ٿي چڪو آهي، رڳو خوف ۾ پيا ماڻهوَ مري ويندا.
ھنن وڌيڪ چيو ته جيسيتائين ڦر واپس نه ڪئي ويندي تيسيتائين شھر جا ميڊيڪل اسٽور بند رکي ھڙتال جاري رکنداسين. ايس ايس پي ڪشمور کي مطالبو ڪيو آهي، ته ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي تحفظ ڏنو وڃي پوليس جو گشت وڌايو وڃي جئين اسين پنهنجي ڪاروبار سھي نموني ڪري سگھيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language