
میرپور بٺورو:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ڪاشف خواجه، غلام مصطفيٰ سوهو، مجيد پڙهياڙ، محمد ملاح، فياض پرھياڙ جي اڳواڻي ۾ بٺورو سجاول بائي پاس روڊ بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هڻي آبپاشي عملدارن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
شاهراهه بند ٿيڻ جي ڪري ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
انهي موقعي تي آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي.
هتي اسان وٽ پڃاري برانچ مان نڪرندڙ محمود واھ ۾ مسلسل پاڻي جي سخت کوٽ رهي آهي، جيڪا آبپاشي عملدار ھٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا بيٺل فصل ڪمند، وونئڻ ۽ سارين جا ٻيجارا سڪي سڙي ويا آهن.
ڪامورا ڪوڙا آسرا ڏئي اسان جو معاشي استحصال ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته اسان ٻه ڏينهن اڳ پنج ڪلاڪ پاڻي لاءِ ڌرڻو هنيو هو، اسسٽنٽ ڪمشنر بٺورو پهچي پاڻي ڏيارڻ جي يقين ڌياني ڪرائي پر اسسٽنٽ ڪمشنر جو واعدو وفا پورو نه ڪيو ويو.
اسان جا فضل تباهه ٿي ويا آهن، سارين جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي.
هنن آبپاشي کاتي جي وزير، چيف انجنيئر کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language