شھدادپور:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.
شھدادپور ڀرسان شاھپورچاڪر نوابشاھ روڊ تي ڀنڀرا واٽر وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان وقاص ڀنڀرو ۽ سجاد ڀنڀرو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.
ٻنھي نوجوانن جا لاش سمس اسپتال آندا ويا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language