
پشاور:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب خيبرپختونخواهه مان سينيٽ جي 11 خالي سيٽن تي پولنگ 21 جولاءِ تي ٿيندي جنهن جي لاءِ 16 اميدوارن ميدان ۾ آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب جنرل سيٽ جي لاءِ جي يو آءِ(ف) جي عطاءُالحق، پيپلز پارٽي جو طلحه محمود ۽(ن) ليگ جو نياز احمد جنرل سيٽ لاءِ اميدوار آهن جڏهن ته آزاد اميدوار مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ نورالحق قادري به جنرل سيٽ جي اميدوارن ۾ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب فيصل جاويد، مرزا محمد آفريدي، محمد وقاص، دلاور خان، فيض الرحمان، عرفان سليم، شفقت اياز، خرم ذيشان، اظهر قاضي ۽ آصف رفيق به آزاد اميدوارن ۾ شامل آهن.
اليڪشڻ ڪميشن ٻڌايو آهي ته عورتن جي 2 سيٽن جي لاءِ 4 عورت اميدوار آمهون سامهون آهن جن ۾ پيپلز پارٽي کان روبينه خالد ۽ روبينه ناز اميدوار آهن جڏهن ته عائشه بانو ۽ مهوش علي بطور آزاد اميدوار چونڊن ۾ بيٺل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ٽيڪنو ڪريٽ ۽ عالم جي 2 سيٽن جي لاءِ 6 اميدوار آمهون سامهون آهن جن مان جي يو آءِ(ف) جو دلاور خان شامل آهي، جڏهن ته خالد مسعود، ارشاد حسين، اعظم سواتي، نورالحق قادري ۽ وقاص احمد قاضي آزاد اميدوار آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language