welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صدر ۽ وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)صدر آصف زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هندستان جي حمايت يافته دهشتگردن هڪ بزدلانه ڪارروائي ڪئي ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان ملڪ جي شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيد هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پوري قوم هن حملي جو جواب اتحاد ۽ عزم سان ڏيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے