موسيٰخيل:(آچر 29 جون 2025ع)بلوچستان جي ضلعي موسيٰ خيل ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
تفصيل موجب، ضلع موسيٰ خيل ۽ ان جي آس پاس ۾ 5.5 شدت جو زلزلو آيو، جنهن ۾ گهر تباهه ٿي ويا ۽ گهر ڊهي پوڻ سبب 3 ماڻهو زخمي ٿيا.
زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي کوٽائي 28 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز موسيٰ خيل کان 56 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو.
اختيارين موجب، زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language