ابو ظھبي:(خميس 12 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات پهتو.
وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي ابو ظهبي پهتو، جتي اماراتي قومي سلامتي صلاحڪار شيخ طحنون بن زيد النهيان سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات وارو وزير عطا تارا ۽ خاص مددگار طارق فاطمي شامل آهن.
وزيراعظم يو اي اي جي صدر ۽ ابو ظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي، جتي هو يو اي اي جي قيادت سان ملاقات ڪندو.
ان کان علاوه، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 17 کان 19 جون تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس فلسطين جي مسئلي جي پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل تي ڌيان ڏيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language