welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو بل رد، مخالف ڌر کي شڪست

تل ابیب:(خميس 12 جون 2025ع)اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيسٽ) مخالف ڌر پاران پيش ڪيل پارليامينٽ کي ٽوڙڻ واري بل کي رد ڪري ڇڏيو. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ واري مخالف ڌر جي بل تي خميس ڏينهن ووٽنگ ٿي. ڪنيسٽ جي 120 ميمبرن مان 61 بل جي خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته 53 حق ۾ ووٽ ڏنا. مخالف ڌر هي بل ان اميد ۾ پيش ڪيو هو ته اهو يهودين لاءِ لازمي فوجي سروس جي تڪراري مسئلي تي وزيراعظم بنجمن نتنياهو تي ناراض پارٽين جي مدد سان جلد چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. بهرحال، حڪومت هن ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ نتنياهو جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اتحاد بل جي خلاف ووٽ ڏنو، مخالف ڌر جي قدم کي روڪي ڇڏيو. هڪ اسرائيلي اخبار موجب، اپوزيشن کي هاڻي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ لاءِ ٻيو بل پيش ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا گهرجن. ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو جي ساڄي ڌر جي لِڪود پارٽي 2022 ۾ ڇهن ٻين پارٽين سان گڏ حڪومت ٺاهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے