طرابلس:(اربع 04 جون 2025ع)ليبيا جي گادي واري هنڌ طرابلس ۾ مليشيا جي اڏن مان درجنين لاش مليا آهن.
گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس چيو آهي ته اهو طرابلس ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ "ماورائي عدالت قتل جي ممڪن ثبوتن" تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو.
لاشون اڳ ۾ ايس ايس اي مليشيا جي ڪنٽرول وارن علائقن مان مليون آهن. ايس ايس اي سربراهه گذريل مهيني جهڙپن ۾ مارجي ويو هو.
يو اين ايڇ سي آر چيو ته ابو سليم ۾ ايس ايس اي اڏي مان 10 سڙيل لاش مليا آهن، جڏهن ته ابو سليم ۽ الخدره اسپتالن مان 67 وڌيڪ مليا آهن. طرابلس جي چڙيا گھر ۾ هڪ شڪي اجتماعي قبر پڻ ملي آهي.
طرابلس ۾ اسڪول بند آهن ۽ ڪرفيو لاڳو آهي، رهواسي پنهنجن گهرن تائين محدود آهن. گڏيل قومن سڀني ڌرين کي فوري طور تي جنگ بندي ۽ عام ماڻهن جي حفاظت جي اپيل ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language