welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پ پ، جماعت ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي جي حقن تي ڌاڙو هنيو: سيٽلر خورشيدي

ڪراچي:(اڱارو 10 جون 2025ع)ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيٽلر علي خورشيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي, بهادر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 77 سالن اهو ٻڌي رهيا آهيون ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، عوام کي ملڪ جي بهتري لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي پر اسان جي جماعت چيو ته هن ڀيري حڪمران قرباني ڏيندا، ايم ڪيو ايم سٺين ۽ خراب حالتن ۾ ملڪ سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته عوام اڳ ئي پريشانين ۾ ورتل آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ انهن تي ٽيڪسن جو ٻوجهه گهٽ وڌو وڃي, هن چيو ته اڳ ۾ چيو ويو ته گهر گهر مان اوجهڙيون کنيون وينديون پر ايئن ناهي ٿيو، نااهل ميئر سبب سمورو شهر ڊمپنگ پوائنٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي, جنهن جو ذميوار ميئر پاڻ آهي, هن چيو ته سڀني گڏجي شهرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، جماعت اسلامي هڪ پريس ڪانفرنس ڪري سمورو ملبو پيپلز پارٽي تي اڇلائي ٿي ڇڏي، پي ٽي آءِ جا يو سي چيئرمين به ملبو ڪنهن ٻئي تي اڇلائي رهيا آهن، هن چيو ته ميئر ڪراچي اي يو سي ٽي جي نالي ۾ شهر مان هر هفتي ساڍا 22 ڪروڙ ڀتو وصول ڪري رهيو آهي, انهن پئسن سان ڪا به تبديلي ناهي آئي, هن چيو ته پينا فليڪس مافيا جماعت اسلامي پنهنجي سموري طاقت کلون کڻڻ ۾ لڳائي آهي، ڇو جو بعد ۾ هنن کي پينا فليڪس به ته لڳرائڻا آهن, هن چيو ته ميئر ڪراچي کي کليل چيلنج آهي ته هو اسان سان گڏجي شهر جو وزٽ ڪري ته صحيح يا غلط جي خبر پئجي ويندي هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ وارو اسانجو فيصلي صحيح هو، موجوده نظام ۾ عوام جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته پ پ ڪراچي جون 53 يوسيز گهٽائي ڪراچي جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ وارن ڪراچي جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے