
پيرڳوٺ:(اڱارو 10 جون 2025ع)حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ورياماڻي سنگت جي خليفي وريام فقير خاصخيلي کي هٽائي جھول شهر سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي کي ورياماڻي سنگت جو نئون خليفو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، نئين مقرر ڪيل خليفي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي کي درگاهه پيرجوٺ ۾ پڳ ٻڌرائي وئي، جنهن ۾ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو، پير صاحب جو پي اي ڪليم الله وساڻ ۽ جماعت جي ٻن معززن شرڪت ڪئي، پير پاڳاري جي اهڙي اعلان بعد جماعت جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر اچي وئي ۽ سوين ماڻهو ڊاڪڙ هاشم کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ حر هائوس جھول پهچي ويا، نئون مقرر ٿيل خليفو ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي ڪاروباري شخصيت آهي، هو هڪ ڀيرو تعلقه ناظم سنجهورو ۽ جھول ۽ 3 ڀيرا چيئرمين پڻ رهيو آهي، نئين خليفي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي چيو ته پير صاحب پاڳاري جو هر حڪم اکين تي آهي، مون مسڪين لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته سندس طرفان خليفو مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن هٽايل خليفي وريام فقير خاصخيلي سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس فون نمبر مسلسل بند مليو.
ڪجهه وقت اڳ وريام فقير جي ڀائيٽي جو هٿ بند ڪيو ويو هو
جهول: ذريعن جو چوڻ آهي ته خيرپور واري علائقي قادن واري آئل فيلڊ ۾ فقير وريام خاصخيلي جي مداخلت وڌي وڃڻ تان اختلاف وڌيا، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ خليفي وريام فقير خاصخيلي جي ڀائيٽي بچل فقير جو هٿ پڻ بند ڪيو ويو هو ۽ ڪالهه وريام فقير کي خليفي شپ تان هٽايو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language