اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)اين ڊي ايم اي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان الرٽ پڻ جاري ڪيو آهي.
جيو نيوز موجب، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ممڪن ٻوڏ جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، برساتن جي ڪري پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو خطرو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برساتن جو به امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي عملدارن جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ گليشيئر پگھلڻ سبب ٻوڏ جي صورتحال جو خطرو آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي علائقن ۾ به تيز برساتن ۽ شهري ٻوڏ جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language