گلاسٽنبري:(آچر 29 جون 2025ع)برطانيه جي سالياني ميوزڪ فيسٽيول، گلاسٽنبري فيسٽيول ۾ ڳائڻن فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف نعرا بلند ڪيا.
گلاسٽنبري فيسٽيول ۾ جاري ڪنسرٽ دوران، آئرش ريپ گروپ ڪيني ڪيپ ڪنسرٽ دوران "آزاد فلسطين" جا نعرا بلند ڪيا.
ڪيني ڪيپ بينڊ جي ميمبر مو شارا چيو آهي ته هو پنهنجي آمدني گهٽائڻ لاءِ تيار آهي، پر تاريخ جي صحيح رخ ۾ رهڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن اسان پنهنجو آواز بلند ڪنداسين ته ٻيا ميوزڪ گروپ پڻ فلسطين جي مسئلي تي آواز بلند ڪندا.
رپورٽ موجب، گلاسٽنبري فيسٽيول ۾، ريپر باب وائلن "آزاد فلسطين" ۽ "اسرائيلي فوج کي موت" جا نعرا پڻ بلند ڪيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language