اسلام آباد:(خميس 05 جون 2025ع)پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاهدا رد ٿيڻ جو ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
پرڏيهي کاتي جي سينيئر عهديدار چيو ته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته ڀارت سان ٻه طرفي معاهدا رد ٿيڻ بابت اڃا تائين ڪو باضابطا يا حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو هو ته شملا معاهدي جي هاڻ ڪا حيثيت ناهي رهي، ڪنٽرول لائن هاڻ سيز فائر لائن ٿي چڪي آهي، اسان 1948ع جي پوزيشن تي واپس اچي ويا آهيون، ڀارت جي قدمن سبب شملا معاهدي جون شقون ختم ٿي ويون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language