welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ آبادگار بورڊ ڪپهه تان 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ ۽ زرعي شين جي برآمد جي اجازت جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد:(خميس 05 جون 2025ع)سنڌ آبادگار بورڊ چوپائي مال ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ بابت حڪومت جي انگن اکرن تي سوال اٿاري ڇڏيا آھن، جڏھن ته ان بجيٽ لاءِ تجويزون ڏيندي ڪپهه تان 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ، سڀني زرعي شين جي برآمد جي مڪمل اجازت ڏيڻ، واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ ۽ ليزر لينڊ ليولر ڏيڻ جھڙا پروگرام ٻيھر شروع ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاهه جي صدرارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، محمد اسلم مري، عمران بوزدار، سرمد نظاماڻي، ارباب احسن، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ ۽ گذريل سال ۾ زراعت جي ڪارڪردگي بابت بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت جي انگن اکرن ۾ گذريل سال دوران سڀني وڏن فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه ننڍن فصلن سان گڏ چوپائي مال ۾ واڌ ڏيکاري وئي آهي پر چوپائي مال جي شعبي ۾ ڏيکاريل 4 سيڪڙو کان وڌيڪ جي واڌ سواليه آهي، ۽ اهو رڳو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ سڀني وڏن فصلن ۾ ٿيل گهٽتائي جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ ڏيکاريو ويو آهي. چوپائي مال ۾ 4 سيڪڙو واڌ واري حڪومت جي ظاھر ڪيل ان انگ تي سوال اٿارڻ جو سبب اهو آهي ته اھا واڌ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿئي ٿي جيڪا زميني طور تي حقيقي ثابت نه ٿي رھي آھي. گھڻي ڀاڱي چوپايو مال رڳو غير رسمي ۾ آهي، کير جي پيداوار، يا گوشت جي پيداوار، يا نسل جي بهتري ۾ ڪابه واڌ نه پئي ٿئي جنھن سان ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي دعويٰ کي ڪا ھٿي ملي سگھي. حڪومتي انگن اکرن ۾ اھا واڌ گذريل ڪيترن سالن کان زميني طور تي ڪنهن به تبديلي بنا ڏيکاري پئي وڃي جيڪا سواليه آهي. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته گذريل سال ۾ سڀني زرعي شين جي اگھن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن جي ڪري سوين ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پئسو زرعي معيشت مان ٻاهر وڃي رهيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ چيو ويو ته بجيٽ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن پر زرعي شعبي ۾ ٿيل ان گهٽتائي يا زراعت کي منهن ڏيڻ وارن موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجن کي سمجهڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان ڪابه مشاورت نه ڪئي وئي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ بجيٽ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون آھن. جن ۾ چيو ويو آھي ته؛ حڪومت جي ھڪ طرفي ڊي ريگيوليشن پاليسي زرعي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي. حڪومت کي هن پاليسي کي صحيح معنيٰ ۾ لاڳو ڪرڻ گهرجي. جنھن موجب سڀني زرعي شين جي برآمد جي مڪمل اجازت ڏيڻ گھرجي جيئن درآمد جي اجازت ڏنل آھي. برآمد رڳو تڏهن وڌندي جڏهن زرعي شعبي ۾ مقابلي جو لاڙو پيدا ٿيندو. مقابلي جي پهلوئن مان هڪ بين الاقوامي قيمتن جو تجزيو ڪرڻ آهي جيئن اھي ڀارت ۾ پيداواري خرچن ۾ وڏي سبسڊيز کي ھٿي ڏين ٿيون. مقابلي لاءِ ڳوٺاڻي معيشت لاءِ مضبوط انفراسٽرڪچر پڻ ضروري آهي. پنھنجي تجويزن ۾ سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته ماضي ۾ پاڻي جي شعبي ۾ حڪومت جا ڪجهھ پروگرام ڪامياب پڻ رھيا آھن جن ۾ واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ ۽ ليزر لينڊ ليولر ڏيڻ شامل آهي. جنھن ڪري انهن پروگرامن کي ٻيھر نئين جوش سان شروع ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه، حڪومت کي اعليٰ ڪارڪردگي واري جديد آبپاشي نظام تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي. ڀارت پنهنجي 22 سيڪڙو علائقي جي کي اعليٰ ڪارڪردگي واري نظام تي تبديل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان اڃان تائين اڌ سيڪڙو زمين کي به اعليٰ ڪارڪردگي واري آبپاشي نظام هيٺ نه آڻي سگھيو آهي، تنهن ڪري ڀارت ۾ پاڻي جي ڪارڪردگي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻي آهي. پنھنجي تجويزن ۾ سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ بجلي جي فراهمي 12 ڪلاڪن جي حد تائين آهي جڏھن ته ان ۾ فالٽ جي بھانن سان ويتر واڌ ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڳوٺاڻن علائقن ۾ صنعت کي همتائڻو آهي ته پوءِ بجليءَ جي فراهمي کي 24 ڪلاڪن تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ آبادگار بورڊ پنھنجي تجويزن ۾ مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ ڪپهه تي 18 سيڪڙو جي ايس ختم ڪري، ڪپهه جي ڊيوٽي فري درآمد روڪڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آھي. ان کان علاوه مشينري کي هٿي ڏيڻ لاءِ درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي ٺهيل مشينري، اوزارن ۽ ٽريڪٽرن تان به جي ايس ٽي ختم ڪرڻ ضروري قرار ڏنوآهي. پنھنجي تجويزن ۾ سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ويليو ايڊڊ انڊسٽري لاءِ سبسڊيڊ ڪريڊٽ، گرانٽس، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پڻ ضروري آھي، ته جيئن ملڪ موجود خام مال مان روزگار ۽ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے