ڪراچي:(سومر 23 جون 2025ع)موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جمعي کان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان انجم نظير موجب، چوماسي برساتن جو سسٽم 25 جون تي ملڪ جي اترين علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 26 جون کان اهو سسٽم سنڌ تي به اثر انداز ٿيڻ شروع ٿيندو.
ترجمان موجب، جمعي کان ڪراچي ۾ ڪڪر وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي وسڪاري جو امڪان وڌيڪ آهي، ان دوران شهر جي ڪجهه حصن ۾ هلڪي ۽ ڪجهه علائقن ۾تيز مِينهن وسي سگهي ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language