اسلام آباد:(سومر 23 جون 2025ع)شوگر ايڊوائزري بورڊ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائري بورڊ جي اجلاس ۾ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو سبب شگر مل مالڪن جي هڪ هٽي قرار ڏنو ويو.
پڌرائيءَ موجب کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ اگهن تي ضابطي لاءِ سخت مانيٽرنگ جو به فيصلو ڪيو ويو.
راڻا تنوير حسين چيو ته سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته اگهن ۾ استحڪام لاءِ کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو انٽر ٿي ويو آهي.
هن چيو ته کنڊ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن، درآمد کنڊ کي جلد مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ته جيئن واهپيدارن کي رليف ملي سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language