welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس: ايراني جوهري ٿاڪن تي حملا عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي قرار

اسلام آباد:(سومر 23 جون 2025ع)قومي سلامتي ڪميٽي ايراني جوهري ٿاڪن تي حملا عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيا. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيل علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ اسرائيلي ڪارروائين جي سخت مذمت ڪئي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت دفاع جو حق حاصل آهي، جڏهن ته ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملا عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن. ڪميٽي جاني نقصان تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۽ عالمي قانونن جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے