انقره:(سومر 30 جون 2025ع)ترڪي جي اولهه صوبي ازمير ۾ ٻيلي ۾ لڳل باهه قابو کان ٻاهر ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري ويجهن چئن ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو آهي.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، ٻيلي ۾ لڳل باهه جي پکڙجڻ سبب هوائي اڏو بند ڪيو ويو، 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون هلي رهيون هيون جنهن جي ڪري باهه پکڙجي وئي.
هيلي ڪاپٽر ۽ پاڻي جا بمبار باهه وسائڻ جي ڪارروائي ۾ شامل آهن، پر تيز هوائن جي ڪري زميني بچاءُ وارن ڪارڪنن لاءِ باهه تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي ويو.
ترڪي جي گهرو وزير چيو ته ازمير جي پنجن متاثر ضلعن مان رات جو 900 رهواسين کي ڪڍيو ويو، باهه سبب 16 گهر تباهه ٿي ويا ۽ 87 گهر ۽ 45 ڪاروبار کي ٻاهر ڪڍڻ تي مجبور ڪيو ويو. باهه ۾ 21 رهواسي زخمي ٿيا ۽ انهن کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
نيوز ايجنسي جي مطابق، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري ترڪي جا ساحلي ٻيلا ڪيترائي ڀيرا باهه جو شڪار ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language