welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو: ٻه ڇوڪريون تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت

قبو سعيد خان:(سومر 30 جون 2025ع)ٻہ ڇوڪريون تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويون. افسوسناڪ واقعو قابوسعيد خان علائقي ۾ پيش آيو جتي ٻہ نوجوان ڇوڪريون گرمي جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران اوچتو گهري پاڻي ۾ هلي ويون، جنهن سبب ٻئي ڇوڪريون ٻڏي فوت ٿي ويون. فوت ٿيندڙ ڇوڪرين ۾ 10 سالن جي فاطمه ۽ 12 سالن جي ڪزن گوري شامل آهن. مقامي ماڻهن ٻنهي ڇوڪرين جا لاش تلاءَ مان ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر ڏانهن موڪليا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے