welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باڪسر ايمان خلف جنس ٽيسٽ جي خوف سبب باڪسنگ ايونٽ ڇڏي ڏنو

الجزائر:(جمعو 06 جون 2025ع)الجزائر جي اولمپڪ چيمپيئن باڪسر ايمان خلف هالينڊ ۾ آئنڊ هوون باڪسنگ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 26 سالن جي ايمان خلف اڳ ۾ ايونٽ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو ۽ باڪسنگ رنگ ۾ واپس اچڻ چاهيندي هئي، پر هن ڊچ ايونٽ لاءِ رجسٽريشن نه ڪرائي هئي، هن ايونٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رجسٽريشن جي آخري تاريخ خميس هئي. ان حوالي سان ٽورنامينٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ايونٽ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ايمان خلف جو آهي، اسان جو فيصلو نه آهي. ورلڊ باڪسنگ سڀني باڪسرز لاءِ جنس جي جانچ کي لازمي قرار ڏنو آهي، ۽ ورلڊ باڪسنگ ايمان خلف کي اهو شخص قرار ڏنو هو جنهن چيو هو ته ڪنهن به مقابلي کان اڳ باڪسرز کي جنس جي جانچ ڪرائڻي پوندي. ورلڊ باڪسنگ پاران جنس جي جانچ کي لازمي قرار ڏيڻ کان هڪ هفتو به نه ٿيو آهي ته ايمان خلف جو هالينڊ ۾ آئنڊ هوون باڪسنگ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو سامهون آيو. ياد رهي ته الجيريا جي ايمان خلف پيرس اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽيو هو، پر تقريب دوران هوءَ پنهنجي جنس تي تڪرار ۾ ڦاسي پئي هئي، جنهن کان پوءِ عورتن جي باڪسنگ مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي سندس قابليت تي سوال اٿاريا پيا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے