welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رائل چئلينجرز جي فتح جي جشن دوران ڀاڄ سبب 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي فرنچائز ملازم گرفتار

ڪرناٽڪا:(جمعو 06 جون 2025ع)پوليس انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ فتح جي جشن دوران رائل چئلينجرز بنگلور (آر سي بي) جي مداحن جي فوت ٿيڻ واري ڀاڄ جي سلسلي ۾ فرنچائز جي ملازمن کي گرفتار ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ، ڪرناٽڪا شهر بنگلور ۾ ٻن مختلف هنڌن تي ڀاڄ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جڏهن اهي آءِ پي ايل ۾ پنهنجي پهرين فتح جو جشن ملهائي رهيا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب، بنگلور پوليس ڀاڄ جي سلسلي ۾ رائل چئلينجرز بنگلور جي ملازمن کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار ملازمن ۾ آر سي بي جي مارڪيٽنگ ۽ روينيو جي سربراهه ۽ هڪ تفريحي نيٽ ورڪ جا ٻه اعليٰ آفيسر شامل آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪرناٽڪ جي وڏي وزير حڪم جاري ڪيا آهن. ٻئي طرف، ڪرناٽڪ جي وڏي وزير ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا آهن، ۽ واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے