welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي آءِ اي خليج لاءِ فلائيٽ آپريشن ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(اڱارو 24 جون 2025ع)قومي ايئر لائن خليج ڏانهن فلائيٽ آپريشن ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف هوائي اڏن تان 55 پروازن جي روانگي ۾ دير ٿي. ڪراچي کان جده، دوحا ۽ استنبول لاءِ 8 پروازون منسوخ ڪيون ويون، ان کان علاوه، ڪراچي کان دبئي لاءِ پرڏيهي ايئر لائنز جون 2 پروازون منسوخ ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور کان شارجه، مسقط ۽ رياض لاءِ 5 پروازون منسوخ ڪيون ويون. ان کان علاوه، شارجه کان پشاور، دبئي ۽ ابوظهبي لاءِ 5 پروازون منسوخ ڪيون ويون، قومي ايئر لائن جي لاهور کان مديني جي پرواز 13 ڪلاڪ دير سان هلي، جڏهن ته لاهور کان دمام جي پرواز پڻ دير سان هلي. قومي ايئر لائن جي اسلام آباد کان دبئي جي پرواز 15 ڪلاڪ دير سان هلي، بحرين کان اسلام آباد لاءِ 2 پروازون 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير سان هليون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے