ڪوئيٽا:(اڱارو 24 جون 2025ع)ويسٽرن بائي پاس تي هڪ بس ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.
ريسڪيو اختيارين موجب، باهه جو واقعو ڪوئيٽا جي ويسٽرن بائي پاس تي پيش آيو، جتي اوچتو بس ۾ باهه لڳي وئي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته بس ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع ملندي ئي عملي فوري طور تي موقعي تي پهچي زخمين کي بس مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
ريسڪيو اختيارين موجب، حادثي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 8 زخمي ٿيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language