اسلام آباد:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)اقتصادي رابطا ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين واجبات لاءِ دفاع واري وزارت کان 15 ارب 839 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ سان لاڳاپيل ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اي سي سي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين واجبات لاءِ دفاع واري وزارت کان 15 ارب 839 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني.
اي سي سي موجب، منظور ٿيل گرانٽ تازي پاڪ-ڀارت جنگ جي شهيدن لاءِ وزيراعظم جي پيڪيج تحت واجبات جي ادائيگي لاءِ جاري ڪئي ويندي.
ان کان علاوه، اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏني، اي سي سي ننڍن هارين ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ خطري جي ڍڪ واري اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز کي منظور ڪري ورتو آهي، ان جو باضابطه آغاز 14 آگسٽ 2025 تي متوقع آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language