ڪيليفورينيا:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ڪيليفورنيا جي هڪ ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻه ڏينهن اڳ ڪيليفورنيا جي ڍنڍ تاهو ۾ هڪ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ اٺ ماڻهو مارجي ويا.
هي واقعو پاڪستان جي سوات علائقي ۾ پيش آيل واقعي سان ملندڙ جلندڙ آهي، جڏهن ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح اوچتو وڌي وئي ۽ ڍنڍ ۾ لهرون 10 فوٽ جي اوچائي تي پهچي ويون، جنهن دوران موسلا دھار مينهن ۽ ڳڙا پڻ وسيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻيڙي تي سوار ماڻهو پنهنجي سالگرهه ملهائڻ لاءِ ڍنڍ جي سير لاءِ ويا هئا، جنهن دوران طوفان سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، جنهن سبب 8 ماڻهو فوت ٿي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language