حیدرآباد:(سومر 30 جون 2025ع)هندستاني رياست تلنگانا ۾ هڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا.
هندستاني ميڊيا موجب، ڌماڪو تلنگانا رياست جي سنگا ريڊي ضلعي جي صنعتي علائقي ۾ واقع هڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ٿيو.
رپورٽ موجب، ڌماڪي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 26 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب ڌماڪي کان پوءِ فيڪٽري جي احاطي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي بچاءُ جون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language