نئين دھلي:(آچر 04 مئي 2025ع)هندستاني حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (اي ڊي) ڪرشن مورتي سبرامنيم کي واپس گهرائي ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪرشنا مورتي سبرامنيم کي سندس 3 سالن جي مدت پوري ٿيڻ کان 6 مهينا اڳ آءِ ايم ايف کان واپس گهرايو ويو آهي. سندس برطرفي جا سبب سرڪاري طور تي بيان نه ڪيا ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪرشنا مورتي سبرامنيم کي هٽائڻ جو سبب آءِ ايم ايف ڊيٽا سيٽ بابت سوال اٿارڻ آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي اهو به چيو ويو آهي ته سبرامنيم کي هٽائڻ جو سبب سندس ڪتاب جي پروموشن لاءِ پنهنجي عهدي جو استعمال هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language