گوادر:(آچر 04 مئي 2025ع)گوادر پورٽ اٿارٽي بلوچستان حڪومت کي ٻڌايو آهي ته گوادر پورٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ بلوچستان جو ڪو به حصو ناهي.
گوادر پورٽ اٿارٽي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته گوادر پورٽ جو آپريشنل انتظام هڪ چيني ڪمپني وٽ آهي.
خط جي متن موجب، بندرگاهه جا ٻه آپريٽنگ ادارا گوادر پورٽ اٿارٽي کي پنهنجي آمدني جو 9.9 سيڪڙو ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هڪ ادارو گوادر پورٽ اٿارٽي کي پنهنجي آمدني جو 15 سيڪڙو ڏئي رهيو آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي وفاقي حڪومت سان معاملو اٿارڻ جو يقين ڏياريو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language