welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي:(آچر 04 مئي 2025ع)اڄ سنڌ، پنجاب، پوٺوهار خطي، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه دادو، جيڪب آباد، سبي ۽ موهن جو دڙو ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي، ملتان ۽ ساهيوال ۾ 37، لاهور ۽ پشاور ۾ 35، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ 33، مظفر آباد ۽ گلگت ۾ 29 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے