غزہ:(آچر 04 مئي 2025ع)اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر غزه تي پنهنجا حملا تيز ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي.
اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو غزه جي محاصري واري پٽي تي حملن کي تيز ڪرڻ لاءِ هزارين ريزرو اسرائيلي سپاهين کي طلب ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، جنهن جي ڪابينا اڄ منظوري ڏيندي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 3 ٻارن سميت 40 فلسطيني شهيد ٿيا ۽ هڪ ٻي ڇوڪري غذائي کوٽ سبب فوت ٿي وئي، جنهن سان بک وگهي فوت ٿيندڙن جو انگ 57 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 9 هزار کان وڌيڪ ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهن.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل غزه تائين امداد پهچائڻ لاءِ هڪ اهڙي نظام تي بحث ڪري رهيا آهن جيڪو حماس کي امداد تائين رسائي کان روڪيندو.
ٻئي طرف، آمريڪا ۽ برطانيه يمن تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ياد رهي ته اسرائيل 2 مارچ کان غزه کي هر قسم جي امداد جي فراهمي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ٻه ڏينهن اڳ غزه ڏانهن امدادي سامان ۽ رضاڪار کڻي ويندڙ هڪ جهاز کي کليل سمنڊ ۾ بمباري ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language