welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جنگ ڀارت مڙهي، پاڪستان ان جو جواب ڏنو: پاڪستاني سفير

آئرش:(خمیس 15 مئي 2025ع)پاڪستاني سفير عائشه فاروقي چيو ته ڀارت جنگ مڙهي، ۽ پاڪستان جواب ڏنو. تفصيل موجب پاڪستاني سفير عائشه فاروقي آئرش ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان وٽ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي جارحيت جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ڪو به آپشن ناهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي صلاحيتن ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو آهي. اميد ته، ان پنهنجو سبق سکيو هوندو. اميد آهي ته ڀارت سمجھ ۽ هوشياري سان جنگ بندي برقرار رکندو. پاڪستاني سفير چيو ته اهو ناقابل قبول آهي ته ڀارت هر دهشتگرد تي بنا ڪنهن ثبوت جي حملو ڪري. ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، جنهن تي هندستان 1947 ۾ فوج موڪلي قبضو ڪيو هو. پاڪستاني سفير عائشه فاروقي وڌيڪ چيو ته بهادر ڪشميري 7 ڏهاڪن کان پنهنجي سياسي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني سفير چيو ته سياسي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين جو ڪو متبادل ناهي. ڄمون ۽ ڪشمير هندستان جي ورهاڱي جو هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي. اتر آئرلينڊ جو مسئلو به قربانين ۽ امن قائم ٿيڻ کان پوءِ ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے