welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد:(خمیس 15 مئي 2025ع)سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ جي الزام ۾ 5 شڪي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪارروائي ڪئي ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا. ڪيس ۾ عادل راجا، معيد پيرزادو، محمد عمر، نذير بٽ ۽ احمد نوراني کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۾ ملوث آهن. جوابدار پاڪ-ڀارت تڪرار دوران غلط ۽ ڀڙڪائيندڙ مواد شيئر ڪيو. اين سي سي آءِ اي چيو ته جوابدار مسلسل سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ مواد جي پروموشن ۾ ملوث هئا، ۽ اهو پروموشنل مواد نفرت جو سبب بڻيو ۽ عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو. اين سي سي آءِ اي وڌيڪ چيو ته جوابدار رياست خلاف انتشار، بدامني ۽ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جوابدار خلاف قانون موجب قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے