welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غير ذميوار ڀارتي الزامن کي رد ڪندي، پاڪستان پاران عالمي برادري کان مودي جي اشتعال انگيز بيانن جو جائزو وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد:(جمعو 23 مئي 2025ع)پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غير ذميوارانه الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جا بيان علائقائي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش آهن، ڪوڙا الزام ۽ فوجي دعوائون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف هڪ مستقل ۽ اثرائتي ساٿي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جون ڪوششون گمراهه ڪندڙ ۽ ناقابل قبول آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيو آهي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي قيادت تي زور ڏنو آهي ته هو ذميواري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري ڇو ته اشتعال انگيز بيان خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان امن، استحڪام ۽ تعميري ڳالهين لاءِ پرعزم آهي. امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي حفاظت جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. ڪنهن به جارحيت جو مناسب جواب ڏنو ويندو. عالمي برادري کي ڀارت جي جنگي بيانيي ۽ نفرت انگيز رويي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے