welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان اسلاميه ڪاليج پشاور: هراساني ڪيس ۾ پروفيسر جي برطرفي کان پوءِ ٻين استادن لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويو

پشاور:(آچر 18 مئي 2025ع)اسلاميه ڪاليج پشاور هڪ پروفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ برطرف ڪرڻ کان پوءِ ٻين استادن لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي. اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ هراساني جي ڪيس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي برطرفي کان پوءِ، ڪاليج انتظاميا ٻين فيڪلٽي ميمبرن لاءِ هڪ نئون ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي. خط ۾ استادن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي شاگردن سان رومانوي يا نامناسب لاڳاپن کان پاسو ڪن ۽ تدريس ۽ پيشه ورانه حدن ۾ رهن. انتظاميا موجب، اهڙا واقعا اداري جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه، اسلاميه ڪاليج پشاور جي هڪ اسسٽنٽ پروفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزامن تي برطرف ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے