
غزہ:(آچر 18 مئي 2025ع)صبح کان غزه تي جاري اسرائيلي حملن ۾ قتل ٿي ويل فلسطينين جو انگ 125 تائين پهچي ويو آهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب غزه جي سيف زون ۾ المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 36 فلسطيني قتل ڪيا ويا.
رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته غزه تي تازين اسرائيلي حملن ۾ ٽي وڌيڪ صحافي پڻ قتل ٿيا آهن.
7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۾ 230 کان وڌيڪ صحافي قتل ٿي چڪا آهن.
ٻئي طرف، غزه جي صحت واري وزارت چيو آهي ته اسرائيلي فورسز جي محاصري جي ڪري اتر غزه ۾ انڊونيشيائي اسپتال غير فعال ٿي ويو آهي.
وزارت موجب، اتر غزه ۾ سڀئي سرڪاري اسپتالون هاڻي غير فعال آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته اسان غزه تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
ان کان اڳ، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه جي صورتحال کي ناقابل بيان، ظالمانه ۽ غير انساني قرار ڏنو.
انتونيو گوتريس چيو ته اسرائيل جي غزه جي محاصري ۽ بک مرڻ جي پاليسي بين الاقوامي قانون جو مذاق اڏائي ٿي، ۽ امداد جي بندش کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.
انهيءَ دوران، عراق ۾ عرب ليگ جو اجلاس ٿيو جتي اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي نسل ڪشي جي مهم ۽ منظم حملن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language