
شھدادپور:(اربع 07 مئي 2025ع)شھدادپور ڀرسان ڳوٺ غلام محمد باگراڻي توڪل پور ۾ پوليس جي مبينہ چڙهائي ڪرڻ دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس جي مبينہ گولي لگڻ سبب ھڪ نوجوان ڳوٺاڻو 22 ورهين جو لطيف باگراڻي زخمي ٿي پيو جنھن کي وارثن سمس اسپتال شھدادپور پھچايو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنھن جي لاش کي مردہ خاني ۾ رکيو ويو.
مارجي ويل لطيف باگراڻي جي ڀاءُ حنيف ٻڌايو ته پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي اسان غريب پورھيت آھيون دريا خان رند ۽ جٽيا پوليس اٽالن ڏينھن ڏٺي جو گھر ۾ داخل ٿي منھجي ڀاءُ کي بلا جواز گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي ٻئي طرف ڊي ايس پي شھدادپور تنوير شاھ ۽ ايس ايڇ او دريا خان رند جابر لاھوري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاڻوجن ڀرسان ڦر ڪندڙ ڏوھارين جو پيڇو ڪري ڳوٺ غلام محمد باگراڻي پھتاسين جتي گرفتاري جي خوف کان جوابدار پنھنجي مٿان پاڻ فائر ڪري ڇڏيو جنھن کي وارث اسپتال کڻائي ويا جيڪو اسپتال۾ فوت ٿي ويو، پوليس پاران ڪا به فائرنگ نه ڪئي وئي آھي جوابدار پنھنجو پاڻ کي گولي ھنئي آھي پوليس تي الزام غلط آھي.
ٻئي طرف وارثن ۽ ڳوٺاڻن مارجي ويل ڳوٺاڻي لطيف باگراڻي جو لاش سمس اسپتال جي مردہ خاني مان ايمبولنس ۾ کڻي نٽھڻ اس ۽ قھر جي گرمي ۾ سمس اسپتال چوڪ ۾ رکي مصروف نوابشاھ شاھپور چاڪر روڊ بند ڪري پوليس خلاف سخت احتجاج شروع ڪري سخت نعريبازي ڪئي مظاھرين جو چوڻ آھي تہ پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪري نوجوان کي بيگناھ ماريو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language