welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاڪستان مخالف پروپئگينڊا تي 16 ڀارتي يوٽيوب چئنل بند ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:(اربع 07 مئي 2025ع)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ڀارت طرفان پاڪستان مخالف پروپيگنڊا تي 16 يوٽيوب چينل بلاڪ ڪري ڇڏيا. پي ٽي اي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ڀارتي 31 يوٽيوب وڊيو لنڪس ۽ 32 ويب سائيٽن کي به بلاڪ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوٽيوب چينلن، وڊيو لنڪس ۽ ويب سائيٽن جي بندش علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي قدم قومي سلامتي ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ کنيو ويو آهي. بلاڪ ڪيل مواد ۾ اهڙو ورغلائيندڙ ۽ هاڃيڪار بيانيو شامل هو، جن جو مقصد عوامي راءِ کي متاثر ڪرڻ ۽ قومي يڪجهتي کي نقصان رسائڻ هو. پڌرائي موجب، پي ٽي اي ٽيليڪام واهپيدارن لاءِ محفوظ ۽ اعتماد جوڳي انٽرنيٽ ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اٿارٽي آن لائين مواد جي نگراني جاري رکندي ۽ قومي مفادن جي خلاف مواد تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے